سوڊان جي سونهن

سوڊان جي سونهن

سوڊان جي سونهن

سوڊان جي سونهن (عرف مجاهد مصر): اسيءَ واري ڏهاڪي ڌاري، سوڊان ۾ سيد جمال الدين افغانيءَ جي شاگرد محمد احمد مصريءَ جي سوڊان تي قابض برطانوي ۽ مصري حڪومتن خلاف بغاوت ۽ انهن خلاف جنگين جي نتيجي ۾ سوڊان جي وڏي حصي (خرطوم ۽ آسپاس وارن علائقن) ۾ ’مهدويه تحريڪ‘ جي حوالي سان قائم اسلامي حڪومت جي پسمنظر ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ هي ناول لکيو هو، جيڪو ڪرائون سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل ماهوار عبرت سلسلي جو 17هون ناول هو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1943ع ڌاري، ٻيو ايڊيشن 1946ع ۾، ٽيون ايڊيشن 1948ع ڌاري شايع ٿيو. ان ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا هئي. هي ڪتاب اسلاميه پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيو ۽ اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد شايع ڪيو. هن ناول جي خصوصيت اها آهي ته ان جو 1951ع ۾ اردو ترجمو، مولانا محمد حفيظ الرحمان ڪيو ۽ عزيز المطابع بهاولپور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. اڄ ’سوڊان جي سونهن‘ ڪتاب ناياب ٿي ويو آهي.


لفظ سوڊان جي سونهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو